چڌن/ بلورن راند

چڌن/ بلورن راند

بلور راند / چڌن راند

بلور راند / چڌن راند: شيشي مان ٺھيل گول ۽ مضبوط گوليون، جن سان ٻاربلور راند‘ کيڏندا آهن. موجوده وقت ۾ پرنٽنگ مشين جون پليٽون صاف ڪرڻ لاءِ به چڌا (بلور) ڪم آندا وڃن ٿا، جيڪي وزن ۽ سائيز ۾ وڏا ٿيندا آهن. هنن سان چڌن راند ٿيندي آهي. هيءَ راند سنڌ جي ٻھراڙين ۾ ننڍا توڙي وڏا وندر لاءِ کيڏندا آهن. چڌا، اصل ۾ شيشي جا بلور يا بٺيءَ ۾ پڪل ‎چُن جون گوليون هوندا آهن. چڌن يا بلورن جي راند ڪيترائي ڇوڪرا گڏجي کيڏي سگهن ٿا. پھريائين پئسي يا ٺڪريءَ کي پٽ تي گرمٽ وانگر ڦيرائي گول سوراخ وانگر هڪ ننڍڙي کڏ ڪڍي ويندي آهي، جنھن کي ’گِڏ‘ چوندا آهن، پوءِ ڇوڪرا پنھنجي واري هلڻ جو واڪ ڏيندا آهن. هڪڙو چوندو پوئيل، ٻيو چوندو ٽيجهل، ٽيون چوندو ٻيجهل ۽ چوٿون باقي رهيل، سو ٿيو پھريل، تنھنڪري پھريائين اهو چڌوگِڏ ڏي اُڇليندو ۽ ٻيا پوءِ نمبر وار چڌا، گِڏ طرف اُڇليندا. چڌا اُڇلڻ کانپوءِ پھرين بلورن کي اهو چُٽيندو، جنھن جو چڌو گِڏ کي بلڪل ويجهو پيل هوندو، يا گڏ ۾ وڃي پيو هوندو. ان کي اختيار آهي ته رانديگر جي چڌي کي ڌڪ هڻي ۽ بعد ۾ چڌو گڏ اندر اُڇلي. جنھن رانديگر جو چڌو گڏ ۾ پيو، سو پڪو ليکيو ويندو ۽ جن جو چڌو گڏ ۾ نه پيو سي ڪچا رانديگر هوندا، جن کي پڪي رانديگر جي ويجهو ويھڻ نه ڏيندا ۽ ڌڪ هڻي پري ڪندا. پڪي رانديگر جو ڌڪ جنھن به چڌي کي لڳندو اهو راند مان نڪري ويندو ۽ شرط موجب خارج ٿيندڙ رانديگر جا بلور کٽيندڙ جا ٿيندا. جي سڀئي پڪا رانديگر ٿيا ته پوءِ بلورن کي ڇال ڏيندا، يعني پري پري پيا اڇليندا ۽ جي ڪڪ ٿيا ته پوءِ ڌڪ بجاءِ چوندا گرانٺ ڪر، ٻاچو ڪر، بليس ڪر، ٻاڙي ڪر- مطلب ته گرانٺ. گرانٺ چيچ جي چوٽيءَ کان آڱوٺي جي چوٽيءَ تائين مفاصلي کي چئبو آهي ۽ ٻاچو، ٻاچ آڱر جي چوٽيءَ کان آڱوٺي جي چوٽيءَ تائين، بليس ڏسڻي آڱر جي چوٽيءَ کان آڱوٺي جي چوٽيءَ تائين جي ماپ ٿيندي آهي، جي سڀئي کاپي ويا ته نئين سر راند شروع ڪندا. اڪثر هنڌن تي هن راند ۾ بلورن توڙي پئسن جي شرط لڳائي ويندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو